اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي.تلهار جي شهري پنهنجي درخواست ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون چونڊون عام چونڊن تائين ملتوي ڪرڻ جي به درخواست ڪئي آهي.ان موقعي تي شهرين پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته آئين موجب سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊن ذريعي عوام پنهنجا حقيقي نمائندا چونڊي سگهي ٿو.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته 2 صوبا قومي اسيمبلي جي چونڊن کان اڳ ۽ بعد ۾ وڌيڪ خرچ برداشت ڪندا.درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومتن جي مدي ۾ عام چونڊن تائين هڪ ڀيرو واڌ ڪئي وڃي.درخواستگذار جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پهرين چونڊون ڪرائڻ سان سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ نگران حڪومتن جو نظام به متاثر ٿيندو.درخواست ۾ وفاق، صدر، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻنهي صوبن کي ڌر بڻايو ويو آهي.










