ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 15 ضلعن جي 90 پولنگ اسٽيشنز تي مڪاني چونڊن لاءِ ٻيهر پولنگ جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.قمبر ميونسپل جي وارڊ نمبر ٻارنهن تي پ پ اُميدوار شعبان علي شيخ 489 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، ڇاڇرو جي يوسي هيرار تي آزاد اُميدوار عبدالعزيز رند هڪ هزار 55 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.ڪريم بخش کوسو جي يوسي جنگ ۾ ٻن پولنگ اسٽيشنز تي آزاد اُميدوار فاروق احمد کوسو 658 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اُميدوار طاهر کوسو رڳو 22 ووٽ کڻي سگهيو، نئون ڪوٽ ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 4 ۾ جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اُميدوار ايسرداس 751 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ڪنڌڪوٽ جي يوسي ددڙ جي ٽن پولنگ اسٽيشن جا غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا آهن، ضلع ڪائونسل تي پ پ اُميدوار احد رضا سُندراڻي 1201 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.ڪوٽڏيجي جي وارڊ نمبر 4 تي پ پ اُميدوار قربان پريو 684 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، ڊي اي اُميدوار ساجن ٽالپر هارائي ويو، ساجن پنهور ڌانڌلي جو الزام مڙهيندي پولنگ جو بائيڪاٽ ڪيو هو.قمبر شهدادڪوٽ، سکر، خيرپور ۽ شهيد بينظير آباد جي به ڪجهه پولنگس تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وئي آهي، سانگهڙ، ميرپور خاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، اڪري چودڳي، نوابشاهه، ڪنڌڪوٽ، قمبر ۽ ٻين علائقن ۾ به ڳڻپ جاري آهي، شهدادپور، ٻٻر لوءِ، ڏوڪري، قبو سعيد خان، ڪوٽڏيجي، فيض گنج، نئون ڪوٽ، وڳڻ ۽ ڊکڻ جي به مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا.










