ڏوهارين جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ شهيد، هڪ جوابدار گرفتار

ڏوهارين جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ شهيد، هڪ جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند) کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين جي پوليس تي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ شهيد ٿي ويو آهي. اي ايس آئي امان الله ابڙو کي ڳجهو اطلاع مليو ته سي پيڪ مريد شاخ لڳ ڪنهن هوٽل تي ڏوهاري ويٺل آھن۔جڏهن ان نشاندهي تي هو پهتو ته جوابدارن پوليس کي ڏسندي ئي مٿن سڌا فائر ڪري ڏنا جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آئي امان الله ابڙو موقعي تي شھيد ٿي ويو . جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري به مارجڻ جا اطلاع آھن جڏهن ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش پوليس تحويل ۾ ورتل آھي. هوڏانهن اطلاع تي پوليس جا وڏا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ علائقي کي ڪڙو جاڙھي تلاشي شروع ڪئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو