لعل شهباز جو پيغام دنيا ۾ محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي:بلاول

لعل شهباز جو پيغام دنيا ۾ محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي:بلاول

ڪراچي/ اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندرؒ جو پيغام دنيا ۾ محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب پي پي پي چيئرمين حضرت لعل شهباز قلندر جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر سماج ۾ عدم رواداري ۽ تعصب جي خلاف رُڪ جي ديوار جو نالو پڻ آهي. هن چيو ته حضرت لعل شهباز جي تعليمات ۾ سماج جي گڏيل طاقت سمايل آهي، جيڪا پاڪستان جي سر بلندي جو رستو پڻ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي خطي جي تهذيبي ۽ سماجي تاڃي پيٽو صوفي بزرگن پنهنجي امن، ڀائيچاري ۽ اتحاد واري پيغام ذريعي سرجيو آهي. هن چيو ته حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو