پشاور جي لاهور کي 35 رنز تان شڪست بعد به لاهور ٽاپ ٽيم

پشاور جي لاهور کي 35 رنز تان شڪست بعد به لاهور ٽاپ ٽيم

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي 34 ميچز واري اٺين سيريز جو 23 هون ميچ راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي ۾کيڏيو پيو وڃي. زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ لاهور کي ميچ کٽڻ لاءِ 208 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. جيڪو لاهور حاصل ڪري نه سگهي ۽ 19.3 اوورز ۾ آل آئوٽ ٿي وئي ۽ کين 35 رنز تان شڪست ملي. ان شڪست باوجود لاهور پوائنٽ ٽيبل ۾ ٽاپ تي آهي. لاهور پاران حسين طلعت 37 بالن تي 63 رنز ٺاهيون، شاهين آفريدي 4 وڪيٽون وٺڻ سان گڏ 36 بالن تي 52 رنز اسڪور ڪيون، سڪندر رضا 7 بالن تي 20 اسڪور ڪندڙ نمايان رانديگر هئا. صائم ايوب کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.  هن صائم ايوب سان گڏ اننگ اوپن ڪئي ۽ ٻنهي پهرين وڪيٽ جي شراڪت ۾ 107 رنز ٺاهيون. صائم ايوب شاندار بيٽنگ ڪندي 3 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 36 بالن تي 68 رنز ٺاهيون ۽ راشد خان جي بال تي سيم بلنگ هٿان ڪيچ ٿيو.


يارهين اوور ۾ پهرين وڪيٽ بعد پشاور جي ٻئي وڪيٽ 13 هين اوور ۾ ڪري جڏهن محمد حارث 9 رنز ٺاهي 125 جي مجموعي اسڪور تي راشد خان جي بال تي سڪندر رضا هٿان ڪيچ ٿيو. ڪپتان بابر اعظم 16 هين اوور ۾ 168 جي مجموعي اسڪور تي ففٽي مڪمل ڪرڻ شرط حارث رئوف جي بال تي ڊيوڊ ويزي هٿان ڪيچ ٿيو، هن 41 بالن تي 50 رنز ٺاهيندڙ بابر 2 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هنيا. چوٿين وڪيٽ جي پارٽنرشپ م ٽام ڪوهلر ۽ روومان پاول اسڪور اڳتي وڌايو. ڪوهلر اچڻ سان ئي راشد خان کي 2 لڳاتار ڇڪا هڻي کاتو کوليو هو تنهن شاندار اسٽروڪس کيڏيا. پاول سترهين اوور م شاهين آفريدي جي بال تي هٽ هڻندي 9 رنسون ٺاهي سڪندر رضا هٿان 179 جي مجموعي اسڪور تي ڪيچ ٿيو. ارڙهين اوور ۾ حارث جي بال تي ڪوهلر جو ڪيچ زمان خان ڊراپ ڪيو پر اڳئين بال تي حارث رئوف پاڻ ئي ڪيچ پڪڙي کيس آئوٽ ڪيو. ڪوهلرڪيڊ مور 3 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 16 بالن تي 36 رنز ٺاهيون. حسيب الله خان 12 رنز ٺاهي شاهين آفريدي جي بال تي بولڊ ٿيو. ساڳئي يعني 19 هين اوور ۾ شاهين، عظمت الله عمرزئي ۽ وهاب رياض جا به شڪار ڪيا. آخري اوور ۾ زمان خان، عامر جمال کي ڪيچ ڪرايو، 19.3 اوورز م پشاور 207 رنز تي آل آئوٽ ٿي ويا. آخري 64 رنز تي پشاور جو 8 وڪيٽون لاهور جي فاسٽ بالرز کي مليون. پشاور ميچ کٽڻ لاءِ 208 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو