90 ڏينهن ۾ اليڪشن لاءِ تيار، پرويز خٽڪ سان اتحاد نه ٿيندو: فضل الرحمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سنڌ ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)، متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) ۽ مسلم ليگ (ن) سان اتحاد ٿي سگهي ٿو.نجي ٽي ڳي سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته هو اليڪشن کان ڀڄڻ وارو ناهي، هو 90 ڏينهن ۾ اليڪشن لاءِ تيار آهن. هن چيو ته صدر عارف علوي کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو آئيني اختيار ناهي، جيڪڏهن هن اليڪشن جي تاريخ ڏني ته بدنيتي هوندي.پرويز خٽڪ ۽ محمود خان کي ناقابل اعتبار قرار ڏيندي مولانا فضل الرحمان انهن سان چونڊ اتحاد جي امڪان کي رد ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ وچ ۾ اتحاد ٿي سگهي ٿو. پيپلز پارٽي سان نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو