9 مئي فوج جو نه پر قوم جو ڪيس آهي، چيف معافي جي ڳالهه ناهي ڪئي

9 مئي فوج جو نه پر قوم جو ڪيس آهي، چيف معافي جي ڳالهه ناهي ڪئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته آرمي چيف برسلز ۾ معافي جي ڳالهه نه ڪئي، اهو واضح آهي ته جن 9 مئي کي انجام ڏنو، ان جي سهولتڪارن ۽ منصوبابندي ڪندڙن کي قانون موجب جوابده قرار ڏنو وڃي.وفاقي راڄڌاني ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آرمي چيف برسلز ۾ ڪنهن به سياسي ڳالهه تي نه ڳالهايو ۽ نه ئي آرمي چيف ڪنهن به معافي جو ذڪر ڪيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته برسلز جي تقريب ۾ سوين ماڻهو موجود هئا، ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن فيلڊ مارشل سان تصويرون ڪڍرايون، هن چيو ته فيلڊ مارشل پي ٽي آءِ بابت ناهي ڳالهايو، 9 مئي صرف فوج جو معاملو ناهي پر قوم جو معاملو آهي، اهو واضح آهي ته جن 9 مئي کي انجام ڏنو، ان جي سهولتڪارن ۽ منصوبابندي ڪندڙن کي قانون موجب جوابده قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو