ٽنڊوڄام:(ن س) ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن شاگرد گروپن ۾ جهيڙو، ٻن مقامي برادرين تائين تڪرار پکڙجي ويو، 9 ڄڻا زخمي ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي ۾ ڪلاس روم اندر ڪرسيءَ تي ويهڻ جي معمولي ڳالهه تان ٻن شاگرد گروپن وچ ۾ شروع ٿيل جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ، گولين، لٺين ۽ ڏنڊن جي استعمال سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.زرعي يونيورسٽي جي ڪراپ پروڊڪشن فيڪلٽي جي ڪلاس روم ۾ ڪرسيءَ تي ويهڻ جي معاملي تان شاگردن جي ٻن گروپن وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي، جيڪا بعد ۾ جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي. واقعي دوران فائرنگ سان گڏ لٺين ۽ ڏنڊن جو پڻ استعمال ڪيو ويو، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. شاگردن وچ ۾ شروع ٿيل جهيڙو بعد ۾ مقامي سطح تي مڪراني ۽ ڪليري برادرين وچ ۾ تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو. ٻنهي ڌرين جا زخمي شاگرد علاج لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا، پر اتي به ٻنهي گروپن جا ڏنڊا بردار ماڻهو پهچي ويا، جنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جهيڙو شروع ٿي ويو.صورتحال ايتري ته ڇڪتاڻ واري ٿي وئي جو زرعي يونيورسٽي سان گڏ رورل هيلٿ سينٽر جو علائقو پڻ ميدانِ جنگ بڻجي ويو. مبينا طور تي توڙ ڦوڙ ۽ فائرنگ سبب مريضن، شاگردن ۽ شهرين ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو جان بچائڻ لاءِ مختلف طرفن ڏانهن ڀڄندا رهيا. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي ۽ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي. پوليس جي موجودگي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ وڌيڪ جهيڙي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا.زخمين ۾ روشن علي ڪليري ، گل زمان ڪليري ، زاهد مڪراني، علي مڪراني بلوچ ۽ الياس مڪراني بلوچ سميت ٻيا ماڻهو شامل آهن. زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي سبب زرعي يونيورسٽي ۽ رورل هيلٿ سينٽر ۾ خوف ۽ هراس جي فضا برقرار آهي. جڏهن ته هڪ زخمي کي سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن هڪ ڌر پاران ٽنڊوڄام ٿاڻي آڏو حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو، جنهن سبب ٽرئفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي










