9 مئي واقعن خلاف سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾  ٺهراءَ منظور

9 مئي واقعن خلاف سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ ٺهراءَ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ 9 مئي واقعن خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. 9 مئي واقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ سال اڳ ٿيندڙ ان واقعي کي ملڪ خلاف گهري سازش قرار ڏنو ويو. پنجاب اسيمبلي 9 مئي سانحي کي شرپسند عنصرن ۽ هڪ جماعت جي سازش قرار ڏيندي ذميوارن ۽ منصوبا سازن خلاف ڪارروائي جو مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو. پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءَ خلاف اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪندي اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪيو. هوڏانهن ايم ڪيو ايم 9 مئي واقعي خلاف قومي اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو