9 مئي سانحو،ڪابينا اجلاس سڀاڻي طلب،وزيراعظم پيغام ڏيندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس 9 مئي تي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف 9 مئي سانحي تي وفاقي ڪابينا جي فورم تان خصوصي پيغام ڏيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس ۾ 9 مئي سانحي جي مذمت ڪئي ويندي، ڪابينا اجلاس ۾ شهيدن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 9 مئي کي ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ويندو، وفاقي ڪابينا 9 مئي تي پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوري روين کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو