9 مئي ڪارو ڏينھن آهي، جاچ لاءِ ڪميش جوڙيو، بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان 9 مئي جي واقعن تي مٽي وجھڻ ببرداشت نٿو ڪري سگهي،هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو ڏينهن آهي، 9 مئي واقعن جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل انڪوائري ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته قائداعظم جي گهر ۽ فوجي اڏن تي حملا ڪندڙن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، 9 مئي جو واقعو انتشار ۽ فاشزم پکيڙڻ جي گھري سازش هئي. پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان 9 مئي جي واقعن تي ويهڻ جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي، تاريخ ۾ ڪنهن به سياسي جماعت جي اهڙي حرڪت جو مثال نٿو ملي. سڀني کي خبر آهي ته 9 مئي جو واقعو ڪنهن جي اشاري تي ۽ ڪنهن جي حڪم تي ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جا ڳجها دستاويز ليڪ ڪرڻ ۽ فوجي تنصیبات تي حملا ملڪ دشمني آهن، سمورين پارٽين کي يقين ڏياريو وڃي ته عدالتي ڪميشن جو فيصلو قبول ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو