ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته 9 مئي سانحي جي ڪردارن جي سزا مان اميد جي هڪ ڪرن آهي.هن چيو ته نوجوانن کي اڳتي وڌائڻ واري سياسي پارٽي جي قيادت کي اصل سزا ملڻ گهرجي.ڪامران ٽيسوري چيو ته شهيدن جي يادگار کي ڊاهڻ ناقابل برداشت آهي.هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي واقعي جي جوابدارن کي سزا ملي ته انصاف ٿيندو.










