9مئي ڪيس، شبلي ، زرتاج ، بشارت ۽ زين جي ضمانت منظور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي جي ڪيسن ۾ شبلي فراز، راجا بشارت، زرتاج گل ۽ زين قريشي سميت 20 کان وڌيڪ جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.ان کان اڳ عدالت ۾ 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد سمورن جوابدارن جي حاضري لڳائي وئي. عدالت ۾ 5 سئو کان وڌيڪ جوابدار پيش ٿيا.عدالت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت 9 مئي جي ڪيسن جي ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪندي چيو ته 9 مئي جي ڪيسن جي ايندڙ ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو