اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بجلي چوري جي حوالي سان سيڪريٽري پاور راشد لنگريال چيو آهي ته 8 ڪروڙ يونٽ بجلي چوري جو پتو لڳايو ويو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي ڊيٽا جاري ڪندي راشد لنگريال چيو آهي ته بجلي چوري ۾ ملوث 194 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.سيڪريٽري پاور راشد لنگريال جو چوڻ آهي ته بجلي چوري تي هن وقت تائين 352 ملين رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته ليسڪو ۽ ميپيڪو بجلي چوري تي ٻين ڪمپنين کان بهتر ڪم ڪري رهيا آهن.
