8 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هلندڙ مهيني عام چونڊن جي سلسلي ۾ 8 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 8 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. سموري ملڪ جون سرڪاري ۽ نجي آفيسون تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهندا. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اهو فيصلو عام چونڊن 2024 ۾ ووٽرز جي سهوليت جي لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن ووٽرن کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني پيش نه اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو