اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڄ سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو 77هون يوم آزادي انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز سان ملڪي ترقي ۽ يڪجهتي جون خصوصي دعائن سان ٿي، وفاقي ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ توپن جي سلامي ڏني وئي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 31 توپن جي سلامي ڏني وئي، جڏهن ته صوبائي راڃڌانين ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي. جشن آزادي جي موقعي تي علامه اقبال جي مزار ۽ ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب منعقد ٿي. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئٽه ۽ ملتان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چراغان ۽ آتشبازي سان گڏ ملي نغمن ۽ سبز هلائي پرچمن جي بهار اچي وئي، يوم آزادي جي حوالي سان پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ آزادي پريڊ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪيڊٽس جو مارچ پاسٽ ٿيو.يوم آزادي جي تقريب 12 وڄندي ئي پرچم ڪشائي ڪئي وئي. سڀني ملي قومي ترانو پڙهيو، پاڪستان زنده باد جو نعرو لڳايو ۽ ملڪ جي شهيدن کي خاص طور تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.










