75 ملڪن جا ويزا معطل، ٽرمپ انتظاميه جو فيصلو چيلنج

75 ملڪن جا ويزا معطل، ٽرمپ انتظاميه جو فيصلو چيلنج

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) ٽرمپ انتظاميه جي پاڪستان سميت 75 ملڪن جي لاءِ اميگرنٽ ويزائن جي پروسيسنگ معطل ڪرڻ جي فيصلي کي آمريڪي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.شهري حقن جي تنظيمن جي هڪ گروپ نيويارڪ جي هڪ وفاقي عدالت ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. درخواسگذارن جو موقف آهي ته اها پاليسي آمريڪا جي اميگريشن قانون جي ڏهاڪن تي ٻڌل مستحڪم بنياد کي سخت نقصان پهچائي رهي آهي.ڪيس ۾ عدالت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٽرمپ انتظاميه جي ويزه پاليسي کي فوري طور تي روڪيو وڃي ۽ انهي فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي. ياد رهي ته اميگرنٽ ويزائن جي پروسيسنگ معطل ڪرڻ جو فيصلو 21 جنوري کان لاڳو ٿيل آهي. جن ملڪن جا شهري انهي فيصلي سبب متاثر ٿيا آهن انهن ۾ پاڪستان کان علاوه افغانستان، البانيه، الجزائر، آرمينيا، آذربائيجان، بنگلاديش، بيلاروس، ڀوٽان، بوسنيا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو