7 سال اڳ قتل ٿيل پٽ جي خون سان انصاف لاءِ امڙ جو احتجاج

ٺل(عبدالنبي شيخ) شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ 7 سال اڳ وياج جي رقم جي مامري تان قتل ٿيل پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا گذريل ڪيترن ئي ورهين کان وٺي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي رهي ٿي پر حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا به جونءِ ناهي چري، پورهيت جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس امڙ ڪالهه به پريس ڪلب اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڍڙي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا ٻڌايو ته منهنجي پورهيت فيض محمد چنو کي ست سال اڳ پوليس اهلڪار جوابدار عبدالواحد عرف نجو گولو ۽ عبدالرزاق گولو بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو پر افسوس جو هن مهل تائين انصاف نه ٿي سگهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته مون سان انصاف ڪندي جوابدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو