6 مهينن کان بند پگهارون ڏيو، محرابپور ٽائون جي ملازمن جو احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) محرابپور ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ ۽ ٽائون چيئرمين جي نارواسلوڪ خلاف محرابپور کان نوشهروفيروز تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو ۽ پريس ڪلب پهچي مظاهرو ڪيو ۽ ٽائون چيئرمين خلاف نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي شاهه عبداللطيف ايمپلائيز يونين جي اڳواڻن نصير احمد زرداري، ياسين لانگاهه، ساجد علي ڪمبوهه، غلام مرتضيٰ ڪلهوڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي جي 100 ملازمن جون گذريل 2 مهينن کان 6 مهينن تائين پگهار بند آهي جنهن ڪري ملازمن جي گهرن ۾ فاقاڪشي جي صورتحال آهي ۽ ملازمن معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل آهن. هنن چيو ته سندس سروس کي 8 کان 10 سال ٿي ويا آهن پر ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين فاروقا لوڌي من پسند ماڻهن کي پگهارون جاري ڪري باقي ملازمن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن هنن چيو ته وائيس چيئرمين 40 ملازمن ڊيلي ويجز تي ڀرتي ڪيا آهن. جڏهن ته چيئرمين کان پڇون ٿا ته چيئرمين چوي ٿو ته پگهارن لاءِ بجيٽ ناهي ته پوءِ 40 ملازمن کي پگهار ڪٿان ڏني وڃي ٿي. هنن چيو ته ٽائون ڪميٽي ۾ غير قانوني ڀرتي ٿيل اڪائوٽنٽ محرم شاهه ويٺل آهي جنهن جي صحيحن سان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري ٽائون کي تباهه ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڪرپشن سبب محرابپور شهر کنڊر بڻجي ويو آهي. هنن چيو ته ملازمن کي پگهارون ڏئي کين فاقا ڪشي کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو