53 جاين تي حملا ٿيا، ڀرپور جواب ڏنو، 274 دهشتگرد ماريا ويا

53 جاين تي حملا ٿيا، ڀرپور جواب ڏنو، 274 دهشتگرد ماريا ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پاڪستان جي آپريشن غضب للحق جي حوالي سان بريفنگ ۾ چيو ته افغان طالبان حڪومت ۽ دهشتگردن ۾ ڪو به فرق ناهي، دنيا سمجهي ٿي ته پاڪستان جو آپريشن غضب للحق عوام جي تحفظ لاءِ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 21 ۽ 22 فيبروري جي رات پاڪستاني فورسز سرحد جي ويجهو فتنه الخاارج جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ افغان طالبان حڪومت ان کي بنياد بڻائي سوڪالڊ آپريشن ڪيو، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته طالبان حڪومت پاڪ-افغان سرحد تي 15 سيڪٽرن ۾ 53 هنڌن تي فائرنگ ڪئي ۽ حملن کي سڀني 53 هنڌن تي منهن ڏنو ويو، هن چيو ته پاڪستان اهڙو سخت جواب ڏنو جو دنيا ڏٺو، دشمن کي سڀني 53 هنڌن تي مناسب جواب ڏنو ويو،ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن غضب للحق ۾ طالبان حڪومت جا 274 اهلڪار ۽ خوارج مارجي ويا، جڏهن ته 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته طالبان حڪومت جون 74 کان وڌيڪ پوسٽون مڪمل طور تي تباهه ڪيون ويون، طالبان حڪومت جون 18 پوسٽون پاڪستان جي قبضي ۾ آهن، جڏهن ته دشمن جون 115 ٽينڪ ۽ بڪتر بند گاڏيون تباهه ڪيون ويون آهن. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري موجب، آپريشن ۾ هاڻي تائين 12 پاڪستاني فوجي اهلڪار شهيد جڏهن ته 27 زخمي ٿيا آهن.ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ايبٽ آباد ۽ نوشهره ۾ ڊرون حملا ناڪام بڻائيا ويا آهن. هن چيو ته فتنه الھندستان ۽ فتنہ الخارج جي 22 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڪابل، پڪتيا ۽ قنڌار ۾ نشانو وڏي احتياط سان نشانو بڻايو ويو، هن چيو ته پاڪستاني فورسز صرف فوجي هدفن کي پيشه ورانه انداز ۾ نشانو بڻايو، دهشتگردن جي لڪائن ۽ هٿيارن جي ڊپو کي تباهه ڪيو ويو، دهشتگرد پنهنجن ساٿين جا لاش ڇڏي ڀڄي ويا.ڊي جي آءِ ايس آر چيو ته اسان جي هوائي فوج ڪابل ۾ انفنٽري برگيڊ هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بڻايو، سڄي دنيا رات جو ڪابل جي آسمان ۾ آتشبازي ڏٺي، قنڌار ۾ برگيڊ هيڊ ڪوارٽر تباهه ٿي ويو.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغان طالبان حڪومت ۽ دهشتگردن ۾ ڪو به فرق ناهي، دنيا سمجهي ٿي ته پاڪستان جو آپريشن غضب للحق عوام جي تحفظ لاءِ آهي.هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي آپريشن غضب الحق جاري آهي، آپريشن غضب الحق ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ان جا مقصد حاصل نه ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو