5 جون ماحوليات جو عالمي ڏينهن

5 جون ماحوليات جو عالمي ڏينهن

اعجازتيوڻو
(ملڪ کي ماحولياتي آلودگي کان بچائڻ ضروري آهي)
پوري دنيا وانگر پاڪستان ۾ پڻ 5 جون کي ماحوليات جي عالمي ڏينھن طور ملھايو پيو وڃي، انھي ڏينھن تي ملڪ سميت سنڌ صوبي ۾ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان آگاھي فراهم ڪرڻ لاءِ ضلع سطح تي ريليون ڪڍڻ سميت ٻوٽا پڻ لڳايا ويندا جڏھن تہ اداري پاران ماحول جي پنجاھين سالگرھ جي موقعي تي ماحوليات جو ھفتو ملھايو پيو وڃي، جيڪو 30 مئي کان شروع ٿي ماحوليات جي عالمي ڏھاڙي 5 جون تائين جاري رهندو. انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن سميت سيپا شھيد بينظيرآباد جي ريجنل انچارج گل امير سنبل پاران مختلف بٺن تي چاپا لڳائڻ سميت عوامي آگاھي لاءِ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن ماحولياتي تحفظ جو ڏھاڙو ملھائڻ جو مقصد آلودگي جي وڌندڙ سطح ۽ ماحولياتي تبديلين سبب ماحول کي پيش ايندڙ خطرن بابت شعور اجاگر ڪرڻ آھي، اقوام متحدہ پاران پھريون ماحوليات جو عالمي ڏھاڙو 1972ع ۾ ملھايو ويو، انھيءَ حوالي سان مثبت ماحولياتي تبديلي لاء ھڪ عالمي پليٽ فارم ڏنو ويو پھرين يوم عالمي ماحوليات جو موضوع اونلي ون ارٿ (صرف ھڪ زمين) ھيو, اقوام متحده پاران ماحوليات جو عالمي ڏھاڙو ملھائڻ جو مقصد دنيا کي ماحولياتي آلودگي سبب درپيش نقصانن کان آگاھي ڏئي ڪري آلودگي کان پاڪ ماحول بابت ترغيب ڏيڻ ھو. ھن سال 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينھن کي فطرت سان ھم آھنگي ۽ پائيدار زندگي گذارڻ جي عنوان تحت ملھايو پيو وڃي. انھيءَ ڏھاڙي جي مناسبت سان حڪومت، اين جي اوز ۽ شھري ماحول جي تحفظ ۽ ماحول تي پوندڙ انساني سرگرمين جي اثرن بابت آگاھي فراهم ڪرڻ لاءِ ريليون ۽ آگاھي پروگرام ترتيب ڏئي رھيا آھن. اقوام متحده جي خواھش آھي تہ ھر قوم اھو وچن ڪري تہ جيئن اسان جي شھرن، سامونڊي ڪنارن ۽ ٻيلن کي آلودھ ڪندڙ عمل کي تبديل ڪري سگھجي، جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان ھڪ آھي جنھن جو وڏو سبب وڻڪاري ۾ پٺتي ھئڻ توڙي ماحوليات جي تحفظ بابت گھٽ ڄاڻ ھئڻ بہ آھي، فطرت اسان جي ماحولياتي نظام جو اھم جز آهي ڇاڪاڻ تہ اسان جي معشيت جي سمورن شعبن کي آراستہ ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي رفتار ۾ اضافو ٿي رھيو آھي
سنڌ حڪومت پاران ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 جوڙيو ويو آهي تہ جئين ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي سنڌ حڪومت پاران جوڙيل تحفظ ماحوليات جي قانون مطابق ڪارروائي لاءِ سيپا جي ريجنل انچارجز کي پابند بڻاويو ويو آهي تہ اھي سرن جي بٺن، اسپتالن ۽ شھرن ۾ استعمال ٿيندڙ انساني صحت لاءِ نقصانڪار ٻارڻ استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪن ته جيئن حڪومت پاران منظور ڪيل ٻارڻ جي استعمال کي يقيني بڻائي سگھجي ڇاڪاڻ تہ سرن جي بٺن ۾ استعمال ٿيندڙ رٻڙ، ٿيلھيون ۽ گند ڪچري مان نڪرندڙ دونھين سبب انساني صحت تي ڪافي خراب اثر پون ٿا ۽ ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون جيڪڏھن اسان کي پنھنجي ملڪ ۽ صوبي کي آلودگي کان پاڪ صاف ڪرڻو آهي تہ ملڪ ۾ وڻڪاري مھم شروع ڪرڻ سميت انھن وڻن جي سار سنڀال ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ تہ وڻ قدرت جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت نعمتن مان ھڪ آھن ۽ وڻ انسانن سميت سمورن ساهوارن لاءِ آڪسيجن جو ذريعو ھئڻ سان گڏ آلودگي کي ختم ڪرڻ جو ذريعو آھن جڏھن تہ آلودگي کي گھٽ ڪرڻ لاءِ ھيٺين سطح جي ماڻھن تائين آگاھي شروع ڪئي وڃي تہ جئين ماڻھو ان مسئلي کي سنجيدگي سان سمجھي سگھن ۽ ماحولياتي آلودگي کي گھٽ ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن اداري تحفظ ماحوليات کي گھرجي ته جن فيڪٽرين ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ زھريلي دونھين مان نديون، شاخون، تلاء ۽ درياهه آلودہ ٿي رھيا آھن جنھن جي ڪري پيئڻ جي پاڻي جي پڻ کوٽ ٿي رھي آھي ۽ جيڪي فيڪٽريون ۽ ڪارخانا زھريلي مواد جو ٽريٽمينٽ نہ ٿا ڪن انھن تي نہ صرف ڏنڊ عائد ڪيو وڃي پر جيڪڏھن اھي اھڙين غير قانوني حرڪتن کان نہ مڙن ته سندن ڪارخانن ۽ فيڪٽرين کي بند ڪرايو وڃي انھي مقصدن لاءِ ھنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو وڃي ان کان علاوہ ڪارخانن، اسپتالن ۽ شھرن ۾ ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ مستقل حل تلاش ڪندي ملڪ مان آلودگي کي جلد کان جلد ھٽائڻ انتھائي ضروري آهي جيڪڏھن اسان آلودگي کي ختم نہ ڪري سگھياسين تہ آلودگي اسان ۽ اسان جي نسلن کي ختم ڪري ڇڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو