رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ۾ پاڪستاني حاجين جي آمد جو سلسلو جاري آهي.مذهبي معاملن واري وزارت موجب ڇنڇر تائين 185 پروازن ذريعي 46 هزار 648 سرڪاري حاجي سعودي عرب پهتا جڏهن ته ايندڙ 9 ڏينهن ۾ وڌيڪ 22 هزار 90 سرڪاري حاجي مڪي پهچي ويندا.ترجمان جو چوڻ آهي ته خانگي حج اسڪيم تحت 15500 کان وڌيڪ حاجي سعودي عرب پهچي چڪا آهن.ترجمان موجب پاڪستان حج مشن هن سال 70 هزار 105 سرڪاري ۽ 80 هزار کان وڌيڪ خانگي عازمين جي ميزباني ڪندو.ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته مديني ۾ 33 هزار 500 زائرين کي رياض الجنة جي زيارت جي اجازت ڏني وئي.










