نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) 35 سالن جي هندستاني جوڊو رانديگر روهني ڪالم پنهنجي گهر ۾ مئل ملي، پوليس موجب ايشيائي راندين ۾ هندستان جي نمائندگي ڪندڙ روهني ڪالم، مڌيا پرديش جي ديواس ۾ پنهنجي گهر ۾ مئل ملي، جوڊو رانديگر روهني جي ننڍي ڀيڻ روشني پوليس کي ٻڌايو ته روهني هندستان جي اشٽا ۾ هڪ خانگي اسڪول ۾ مارشل آرٽس ڪوچ طور ڪم ڪري رهي هئي،روشني موجب، ‘روهني ڇنڇر تي پنهنجي خاندان سان ملڻ لاءِ ديواس آئي هئي. آچر جي صبح، روهني معمول مطابق ناشتو ڪيو، پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ وئي ۽ فون تي ڳالهايو ۽ پوءِ دروازو بند ڪري ڇڏيو. بعد ۾، روهني پنهنجي ڪمري ۾ لٽڪيل ملي، جنهن کان پوءِ هن کي ويجهي اسپتال وٺي ويو جتي ڊاڪٽرن هن جي موت جي تصديق ڪئي،خاندان وڌيڪ چيو ته روهني پنهنجي نوڪري ۽ شادي جي تجويزن کي بار بار رد ڪرڻ جي ڪري دٻاءُ ۾ هئي. خودڪشي ڪرڻ کان اڳ هن فون تي جنهن طريقي سان ڳالهايو، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسڪول جي پرنسپل طرفان هن کي تنگ ڪيو پيو وڃي،پوليس موجب، شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿئي ٿو ته رانديگر روهني ڪالم جي موت خودڪشي لڳي ٿي.










