300 يونٽن تائين رعايت، ڪي اليڪٽرڪ جي 56 سيڪڙو صارفين کي فائدو ٿيندو

300 يونٽن تائين رعايت، ڪي اليڪٽرڪ جي 56 سيڪڙو صارفين کي فائدو ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جا 56 سيڪڙو صارفين فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ۾ 300 يونٽن تائين جي رعايت جو فائدو وٺندا. ڪي اليڪٽرڪ جي 32 لک صارفين مان لڳ ڀڳ 18 لک هر مهيني پنج ڪلو واٽ ۽ 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا. ياد رهي ته ان کان اڳ حڪومت طرفان اها رليف 200 يونٽن جي استعمال ڪندڙن لاءِ هئي، جنهن سان ڪي اليڪٽرڪ جي 7 لک صارفين کي فائدو ٿيندو هو. 300 يونٽن کان وڌيڪ ماهوار بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جو چوڻ آهي ته بجلي جي وڏي بلن هر طبقو متاثر ڪيو آهي، حڪومت سمورن شهرين لاءِ هڪ جهڙي پاليسي ٺاهي ۽ سمورن صارفين لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ختم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو