ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 30 ڪروڙ رپين جي وڏي ڊاڪي (ڊڪيٽي) جو ڊراپ سين ٿي ويو، ڊڪيٽي ۾ اندروني سهولتڪاري جا ثبوت سامهون اچي ويا.واردات جو ماسٽر مائنڊ ڪمپني جو چيف ڪريو واجد نڪتو، گاڏي ۾ سوار چئني جوابدار چيف ڪريو سان رابطي ۾ هئا، پليس ڪيش وين جي ڊرائيور ۽ 2 گارڊن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.مرڪزي جوابدار واجد ٻين ساٿين سميت فرار ٿي ويو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پليس ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن.










