اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن چيف جسٽس ۽ آئيني بينچ جي سربراهه کي بينچ جي اختيارن تي ڪيسن جي شيڊول نه ٿيڻ بابت خط لکيو.سينئر ججن جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي سپريم ڪورٽ ۾ بينچ جي اختيارن تي ڪيسن جي شيڊول نه ٿيڻ بابت چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان کي خط لکيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ۾ بينچ جي اختيارن بابت ڪيس جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته جسٽس عقيل عباسي کي 16 جنوري تي بينچ ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ جسٽس عقيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي آهي.ذريعن موجب، خط ۾ ڪيس جي 20 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ شيڊول نه ٿيڻ جي شڪايت پڻ ڪئي وئي آهي ۽ 17 جنوري تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي اجلاس جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب جسٽس منصور ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته سندس نقطو رڪارڊ تي آهي، جسٽس منصور علي شاهه ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي چيو ته کيس ڪميٽي ۾ پيش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، سندس حڪم تي عمل ڪيو وڃي.ذريعن موجب جسٽس منصور کي خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي پهرين بينچ ٺاهي 20 جنوري تي ٻڌڻي مقرر ڪري سگهي ٿي، ڪيس کي طئي نه ڪرڻ عدالتي حڪم جي نافرماني جي برابر آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ ان معاملي کي توهين عدالت قرار ڏنو.










