اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ دور ۾ 29 ڄڻن کي فوجي عدالتن مان ٻڌايل سزائون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيون ويون.درخواست ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم طرفان آرٽيڪل 3/184 تحت داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ وفاق، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا کي ڌر بڻايو ويو آهي. اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد، جج ايڊووڪيٽ جنرل (جيگ) برانچ ۽ چئني هاءِ ڪورٽن جا رجسٽرار به ڌر بڻايا ويا آهن. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ دور ۾ شهرين کي فوجي عدالتن مان ڏياريل سزائون ختم ڪيون وڃن، عدالت قرار ڏئي ته عمران خان، جنرل (ر) باجوا، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض اختيار اورانگهيا، عدالت قرار ڏئي ته انهن ٽنهي شخصن قانون خلاف شهرين کي اغوا ڪري رکيو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 29 شهرين کي غير قانوني طور سزائون ٻڌايون ويون، اڳوڻي وزيراعظم، اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جيگ برانچ کان 29 شهرين کي ڏنل سزائن جو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي، هاءِ ڪورٽس جي رجسٽرارز کي به لاڳاپيل رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت سزائون ماڻيندڙن ۽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 2020 ۾ هڪ شهري کي موت جي سزا ۽ هڪ کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ٻين جوابدارن کي فوجي عدالتن مان 5 کان 10 سالن تائين سزائون ٻڌايون ويون.
