27 آڪٽوبرتي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ جو پيغام

27 آڪٽوبرتي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ جو پيغام

ڪراچي (رپورٽر) ڪشمير بليڪ ڊي تي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي سخت مذمت ڪيونٿا. ڀارت ۽ مودي سرڪار کي سمجهڻ گهرجي ته 75 سالن جي سختين ۽ پابندين جي باوجود هو ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي ختم ناهن ڪري سگهيا. آزادي ڪشميرين جي منزل آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪشمير تي ڀارتي قبضو هاڻي وڌيڪ دير تائين نٿو هلي سگهي. ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميريڀائرن جي خواهشن جي مطابق حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي جي ضد جي ڪريڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ امن کي سنگين خطرا آهن. عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي جو نوٽس وٺي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ڪشميريڀائرن جي جدوجهد ۾ انھن جي اخلاقي، سفارتي معاونت جاري رکنداسين. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ڪشمير جي مسئلي کي قومي ۽ بين الااقوامي سطح تي اجاگر ڪيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري ڪشمير مسئلي کي سفارتي محاذ تي ڀرپور طريقي سان کنيو. ھن چيو تہ پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مشن ڪشمير کي مڪملڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو