وزيراعظم پاران 27هين ترميم تي اتفاق راءِ جو ٽاسڪ اسپيڪر حوالي

وزيراعظم پاران 27هين ترميم تي اتفاق راءِ جو ٽاسڪ اسپيڪر حوالي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ مان 27هين آئيني ترميم جي منظوري واري معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف اتفاق راءِ جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي اهم ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن.ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڄ سمورن پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس گهرائي ورتو، اجلاس شام جو 5 وڳي اسپيڪر لائونچ پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ(ف)، اتحادي پارٽين جي چيف ويپس ۽ پارلياماني اڳواڻن کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي.ذريعن موجب اجلاس ۾ آئيني ترميم جي منظوري بابت حڪمت عملي طئي ٿيندي، شرڪت ڪندڙن کي آئيني ترميم جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر پارلياماني اڳواڻن کان چيمبر ۾ ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو. اتفاق راءِ نه ٿيو ته حڪومت پنهنجي نمبرز گيم تي ڀاڙيندي.ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) پنهنجي ۽ اتحادي اسيمبلي ميمبرن کي اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت 27هين آئيني ترميم جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. 27هين آئيني ترميم ۾ آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ٿيندي جنهن جو مقصد آرمي چيف کي ڏنل فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئين ۾ شامل ڪرڻ ۽ انهي کي مڃڻ آهي.ترميم ۾ آئيني عدالتن جو معاملو به شامل آهي، ايگزيڪٽو جي مئجسٽريل پاور جي ڊسٽرڪٽ ليول تي ورهاست به مجوز ترميم ۾ شامل هوندي. انهي سان گڏ پوري ملڪ ۾ هڪ ئي نصاب جو هجڻ به ستاويهين ترميم جي تياري ۾ غور هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته 27هين آئيني ترميم جو بل ايندڙ هفتي منظور ڪيو ويندو.

27هين ترميم لاءِ گهربل ووٽ: سينيٽ ۾ پارٽي پوزيشن سامهون اچي وئي
27هين آئيني ترميم جي لاءِ گهربل ووٽن جي حوالي سان ايوان ۾ پارٽي پوزيشن سامهون اچي وئي آهي.ڪنهن به آئيني ترميم جي لاءِ هن وقت سينيٽ مان 64 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي جڏهن ته حڪومتي بينچز تي سينيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ سيٽون پيپلز پارٽي وٽ آهن جن جو انگ 26 آهي، اهڙي طرح مسلم ليگ(ن) وٽ ايوان ۾ 20 سيٽون آهن. سينيٽ ۾ حڪومتي اتحادي بلوچستان عوامي پارٽي جون 4 سيٽون ۽ ايم ڪيو ايم جا 3 ميمبر آهن. اهڙِ طرح نيشنل پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ق) جي هڪ هڪ سيٽ آهي. حڪومتي بينچز تي ويهندڙ آزاد سينيٽرز ۾ سينيٽر عبدالڪريم، سينيٽر عبدالقادر، محسن نقوي، انوارالحق ڪاڪڙ، اسد قاسم ۽ سينيٽر فيصل واوڊا شامل آهن.ٻئي طرف اپوزيشن بينچز تي پي ٽي آءِ جا سينيٽر سڀني کان وڌيڪ آهن. سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جون 14، اي اين پي جون 3 سيٽون آهن، هڪ آزاد سينيٽر نسيمه احسان به اپوزيشن بينچز تي موجود آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جا حمايتي يافته 6 آزاد سينيٽرز به ايوان بالا ۾ موجود آهن.پي ٽي آءِ جو هڪ نئون چونڊيل سينيٽر جلف حلف کڻندو، پي ٽي آءِ جو حمايت يافته هڪ آزاد ميمبر مراد سعيد کي به حلف کڻڻو آهي. اپوزيشن بينچز تي جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جا 7 سينيٽرز آهن، اهڙي طرح اپوزيشن بينچز تي مجلس وحدت المسلمين جو هڪ ۽ سني اتحاد ڪونسل جو هڪ ميمبر موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو