راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت راولپنڊي پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان جي قابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، اڄ عليما خان ۽ 26 نومبر جي احتجاج ۾ 10 جوابدارن خلاف صادق آباد پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي، عليما خان کان سواءِ باقي جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، عليما خان جي طرفان سندس وڪيل فيصل ملڪ ۽ حسنين سنبل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي، پراسيڪيوٽر ظهير شاهه عدالت ۾ چيو ته وڪيل فيصل ملڪ ۽ حسنين سنبل عليما خان جي ڪيس ۾ پنهنجو پاور آف اٽارني جمع نه ڪرايو آهي ۽ ٻئي وڪيل عليما خان جي طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست نٿا ڏئي سگهن، بعد ۾ عدالت عليما خان جي ضمانتي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو ۽ ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










