اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ججز جي اختيارن بابت نوٽ ۾ لکيو آهي ته 26هين ترميم آئين جو حصو آهي، انهي تي ڪن يا اکيون بند نٿا ڪري سگهون.جسٽس محمد علي مظهر 20 صفحن تي ٻڌل نوٽ ۾ لکيو ته قانون جي آئيني هجڻ يا نه هجڻ جو جائزو صرف آئيني بينچ وٺي سگهي ٿو، ڪنهن ريگيولر بينچ وٽ آئيني تشريح جو اختيار نه آهي.پنهنجي نوٽ ۾ جسٽس محمد علي مظهر لکيو ته آئيني بينچ صحيح طريقي سان 2 رڪني بينچ جا حڪم ناما واپس وٺي ڇڏيا، 26هين ترميم هن وقت آئين جو حصو آهي، ترميم ۾ سڀ ڪجهه کليل ڪتاب جيان چٽو آهي، اسان انهي ترميم تي اکيون ۽ ڪن بند نٿا ڪري سگهون.جسٽس محمد علي مظهر اهو به لکيو ته اهو صحيح آهي ته ترميم چيلينج ٿي چڪي ۽ ڌرين کي نوٽيس به جاري ٿي چڪا آهن پر ڪيس فل ڪورٽ ۾ اماڻڻ جي درخواست جو ميرٽ تي فيصلو ٿيندو. 26هين ترميم کي پارليامينٽ يا سپريم ڪورٽ جو فيصلو ئي ختم ڪري سگهي ٿو. جيستائين ائين نٿو ٿئي، معاملا انهي ترميم جي تحت ئي هلندا.فاضل جج چيو ته آئيني تشريح گهٽ ۾ گهٽ پنج رڪني آئيني بينچ ئي ڪري سگهي ٿي، ڪنهن ريگيولر بينچ کي اهو سڀ ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي جيڪو اختيار موجوده آئين انهي کي نٿو ڏئي، 2 رڪني بينچ جي ٽيڪس ڪيس ۾ بنيادي حڪم ناما واپس ٿي چڪا آهن، بنيادي حڪم نامن کان پوءِ ڪيل سموري ڪارروائي بي وقتي آهي.










