اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 24 کان 28 مارچ تائين ججن جو روسٽر جاري ڪري ڇڏيو، ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ چار بينچون ٺاهيون ويون آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ پهريون بينچ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو، جڏهن ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڻ بينچ هڪ جو حصو هوندو، ٻئي بينچ جي سربراهي جسٽس جمال خان مندوخيل ڪندو، جڏهن ته جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس شهزاد احمد پڻ بينچ جو حصو هوندا، اهڙي طرح جسٽس اشتياق ابراهيم به جسٽس نعيم اختر جي سربراهي ۾ ٽئين بينچ ۾ شامل آهن،ان کان علاوه، جسٽس سردار طارق مسعود چوٿين بينچ جي سربراهي ڪندو، جڏهن ته جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل بينچ جو حصو هوندو.










