اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽر شيري رحمان چيو ته 21 ڪلاڪن جون ڳالهيون هڪ ڊگهي سلسلي جي پهرين قسط هيون، فوري طور تي ڪنهن اڳڀرائي جي اميد نه رکڻ گهرجي.سينيٽر شيري رحمان ايڪس تي هڪ پيغام ۾ چيو ته امن معاهدا ڊگهي ۽ مرحليوار ڳالهين جو نتيجو آهن، پاڪستان هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ڌرين کي هڪ محفوظ رستو فراهم ڪيو.شيري رحمان وڌيڪ چيو ته پهرين ملاقات ۾ حتمي معاهدي جي اميد غير حقيقي آهي.










