20 ڪلو وزن گھٽتائي، 6 ڪلو ٻيو گهٽ ڪندس:سونم

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور 20 ڪلو وزن گھٽائي ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب سونم ڪپور پهرين ٻار جي پيدائش کانپوءِ وزن گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هئي.اداڪارا 2018ع ۾ شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ 2022ع ۾ کيس پٽ ڄائو.ڀارتي ميڊيا موجب هاڻ 38 ورهين جي سونم ڪپور پنهنجي وزن ۾ گهٽتائي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب هن اهو ناهي ٻڌايو ته سندس وزن اڳ ڪيترو هو ۽ هاڻي ڪيترو آهي.اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ صرف ايترو ٻڌايو آهي ته سندس وزن 20 ڪلوگرام گهٽجي ويو آهي ۽ هو وڌيڪ 6 ڪلو وزن گهٽائڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو