ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو آهي ته حڪومت نيلامي ۾ 2 هزار 248 ارب رپين جا ٽي بل وڪرو ڪيا.اسٽيٽ بئنڪ موجب حڪومت جو هدف 900 ارب رپين جا بل وڪڻڻ هو، نيلامي ۾ 3 مهينن جا 2154 ارب رپين جا بل وڪرو ٿيا.اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ٽن مهينن جي بلن تي ڪٽ آف يلڊ 21.99 سيڪڙو تي برقرار رهيو.اسٽيٽ بئنڪ موجب حڪومت ڇهن مهينن جي بلن جا 9 ارب رپيا وڪرو ڪيا آهن، 6 مهينن جي بلن جي ڪٽ آف يلڊ 1 بيس پوائنٽ جي گهٽتائي سان 21.98 سيڪڙو ٿي وئي آهي.حڪومت 12 مهينن جي بلن جا 85 ارب رپيا نيلامي ۾ وڪرو ڪيا، 12 مهينن جي بلن جي ڪٽ آف يلڊ 40 بيسس پوائنٽس جي واڌ سان 21.88 سيڪڙو ٿي وئي.










