اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو سڄي ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪندو، پاڪستان ۾ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.اسلام آباد ۾ دانش اسڪول جي سائيٽ جي معائني واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب ۾ دانش اسڪول جو نيٽ ورڪ پکڙجي ويو، دانش اسڪول يتيم ٻارن جو سهارو بڻجي ويو.شهباز شريف چيو ته دانش اسڪول مان گريجوئيشن ڪندڙ ٻار سڄي دنيا ۾ اثر پيدا ڪري رهيا آهن، دانش اسڪول شروع ڪرڻ تي اسان تي تنقيد ڪئي وئي.هن چيو ته اسلام آباد ۾ وڏيرن لاءِ هيڊ اسٽارٽ اسڪول ٺاهيا ويا آهن، ڇا تعليم رڳو وڏڙن جي ٻارن جو حق آهي؟ ڇا اهو غريبن جو حق ناهي ته هو اسڪول جون ٻيون سٺيون سهولتون به حاصل ڪن، دانش اسڪول اسلام آباد جي ڏورانهن علائقن ۾ ٺهيل آهن.شهباز شريف چيو ته دانش اسڪول جي سهولتن ۾ سهڪار تي ڪمشنر جو شڪر گذار آهيان. وفاق پنهنجي وسيلن مان آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ دانش اسڪول قائم ڪندو.وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگرد نوڪريون ڪري رهيا آهن.شهباز شريف چيو ته لال ٽيپ ڪٽيو ۽ اڳتي وڌو، منهنجو مڪمل سهڪار هوندو، رمضان کانپوءِ دانش اسڪولن جو پي سي ون منظور ڪرايو.
ٻٽي شهريت رکندڙ نگران وزيرن ۽ صلاحڪارن جا نالا پڌرا ڪرڻ جو حڪم
ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا معطل
افغانستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 70 ڄڻا فوت، ڪيترائي لاپتا
ڪي پي ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 148 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري
بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان
عشرت العباد جو هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو
گرمي جي شدت ۾ واڌ، گيسٽرو ۽ معدي جي بيمارين ۾ واڌ
ڪوهلي پي ايس ايل ۾ اچي يا ٽيم ۾ سان گڏ ڀليڪار ڪندس: آفريدي
اسٽار ڪڊ جي ڪري هڪ فلم تان هٿ کنيو، راجڪمار رائو
سنڌ يار سکر 19 مئي 2024
سنڌ يار ڪراچي 19 مئي 2024
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار