19 جون تي ڪي پي جو بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو

19 جون تي ڪي پي جو بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي چيو آهي ته 19 جون تي خيبرپختونخوا جو مڪمل ساليانو بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نجي ٽي وي سان گفتگو ڪندي بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته وڏي وزير سهيل آفريڊي کي مڪمل ساليانو بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ گرين سگنل ڏنو ويو آهي، ان شاء الله سڀئي اسيمبلي ميمبر بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، صوبائي بجيٽ جي منظوري لاءِ سڀئي اسيمبلي ميمبر وڏي وزير جو ساٿ ڏيندا.هن چيو ته اسان جي خواهش هئي ته بجيٽ کان اڳ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان مشاورت ڪئي وڃي. بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ سان بجيٽ تي مشاورت لاءِ ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي، اهڙو فيصلو نه ڪنداسين جنهن سان خيبرپختونخوا جي مفاد کي نقصان پهچي، عوامي مفاد ۽ صوبي جي ترقي کي نظر ۾ رکندي بجيٽ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو