سيڪورٽي ادارن کي وڏيون گاڏيو استعمال نه ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سمورن قانون لاڳو ڪندڙ آفيسرن کي 1800 سي سي کان وڌيڪ گاڏيون استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف طرفان سٽي مهم جي حوالي سان خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن کي وڌ کان وڌ 1800 سي سي گاڏيون استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته آفيسر 1800 سي سي کان وڌيڪ ايس يو وي ۽ سيڊان گاڏيون استعمال نه ڪن.ڪابينا ڊويزن پوليس، ايف آءِ اي، ڪسٽم ۽ ڪسٽم انٽيليجنس جي آفيسرن کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو