18 کان 22 تائين نااهلي جو اثر سڄي ملڪ ڏٺو ۽ ڀوڳيو: مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته 2018 کان 2022 تائين نااهلي جو اثر سڄي پاڪستان ڏٺو ۽ ڀوڳيو، عورتون روئي رهيون آهن ته گهرن ۾ گئس نه پئي اچي.لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119 ۾ چونڊ ٽيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته سياسي مخالفن کي روئارڻ جي خواهش رکندڙن جي پيدا ڪيل مسئلن سبب اڄ سڄو پاڪستان روئي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نواز شريف، شهباز شريف جي خدمت جا نشان آهن، خدمت ڏکيو ڪم هوندو آهي، ان امتحان ۾ رڳو نواز، شهباز ڪامياب ٿيا. سندس چوڻ هو عوام کي خبر آهي ته ڪنهن ڪم ڪيو ۽ ڪنهن انتقام ورتو، ڪنهن ڪوڙ ڳالهايو، 2018 کان 2022 تائين نااهلي جو اثر سڄي پاڪستان ڏٺو ۽ ڀوڳيو.

پهنجو تبصرو موڪليو