16 مهينن ۾ مون تي تنقيد ٿي،جنهن جي گلا ناهي ڪئي:وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ چارج سنڀالي 16 مهينا ٿي ويا آهن. ان دور ۾ مٿس جيتري به تنقيد ٿي، هن ڪڏهن به ان گله نه ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ڪوڊ ڊجيٽل ريپوزٽري آف فيڊرل لاز موبائل ايپ ۽ ويب سائيٽ جو افتتاح ڪيو.اسلام آباد ۾ صحافين ۾ هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تنقيد اسپيشل برانچ جي رپورٽ کان وڌيڪ مفيد آهي جيڪڏهن اها حقيقتن تي ٻڌل هجي. هن چيو ته صحيح تنقيد مدد ڪندي آهي ۽ حقيقتن جي برعڪس تنقيد مسخ ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستاني پورٽل تان آئيني شقن بابت معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.ججن، وڪيلن، قانوني ماهرن، قانون جي شاگردن، سرڪاري آفيسرن ۽ عوام کي به فائدو ٿيندو.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪم ڪندڙ صحافين کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ ڏنو پيو وڃي. صحافت جي شعبي ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، صحافين کي فرض جي سلسلي ۾ سخت چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.وزيراعظم ڊيوٽي دوران زندگيون وڃائيندڙ صحافين لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صحافي جي خاندان کي خصوصي فنڊ مان 40 لک رپيا ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو