ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ لک گهر مڪمل، وڌيڪ لاءِ ڪم جاري آهي

ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ لک گهر مڪمل، وڌيڪ لاءِ ڪم جاري آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت صوبي جي 12.6 ملين کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ 2.1 ملين نون گهرن جي تعمير شروع ڪئي آهي جيڪا 154 ملڪن جي آبادي کان وڌيڪ آهي. اسان پڻ WASH (پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت) منصوبي جي حمايت ڪري رهيا آهيون. 264250 گهرن کي صفائي سٿرائي جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 39 ارب رپين جي فنڊنگ ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه خميس ڏينهن سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽس (SPHF) جي ٽيپو سلطان روڊ آفيس تي ٻوڏ متاثرن لاءِ 2.1 ملين گهرن جي بحاليءَ جي ڪم جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، مخدوم محمود ۽ ڊي جي ايس پي ايڇ ايف خالد شيخ پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته 2.1 لک گهرن جي تعمير لاءِ 550 ارب رپين جي ضرورت هئي جنهن ۾ سندس حڪومت ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان 440 ارب رپيا حاصل ڪيا آهن ۽ 110 ارب رپين جو شارٽ فال پرڏيهي فنڊنگ ۽ وفاقي حڪومت جي سهڪار سان پورو ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ان قدم جو مقصد 2022ع جي ٻوڏ ۾ 2.1 ملين گهرن کي نقصان پهچڻ کانپوءِ پائيدار بحالي تي عمل ڪرڻ آهي جنهن ۾ 12.36 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ متاثر ٿيل گهرن مان 85 سيڪڙو ڪچا گهر هئا. وڏي وزير چيو ته هي قدم چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن آهر آهي جنهن پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ جنوري 2023ع ۾ جنيوا ڪانفرنس ۽ 8 فيبروري 2023ع تي سنڌ ۾ ٿيل ڊونرز ڪانفرنس ۾ ڪاميابيءَ سان فنڊ گڏ ڪيا هئا. وڏي وزير چيو ته اسان هڪ سال اندر 2.1 ملين مستحقين جي ٻيهر تصديق ڪئي آهي جنهن ۾ هن سال جي هدف کي پورو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 525000 گهر تعمير هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 100000 کان وڌيڪ گهر اڳ ئي مڪمل ڪيا ويا هئا. پروجيڪٽ جي شروعات تي اسان کي ورلڊ بئنڪ کان 500 ملين ڊالر جي فنانسنگ ملي جنهن ۾ سنڌ حڪومت اضافي 227 ملين ڊالر ڏنا. هن چيو ته هن وقت تائين اسان منصوبي جي ڪاميابيءَ لاءِ گهربل فنڊن جو 70 سيڪڙو حاصل ڪري چڪا آهيون جڏهن ته اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان اضافي مدد حاصل ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ سال جي آخر تائين 1.2 کان 1.5 ملين گهر مڪمل ڪنداسين. مراد شاهه چيو ته جڏهن اسان 2.1 ملين نون گهرن جي تعمير جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ٻوڏ سبب متاثر 12.6 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جي بحالي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪي 154 ملڪن جي آبادي کان وڌيڪ آهي. ۽ ان حوالي سان اسان ٻين ڪيترن ئي ملڪن جيان آبادي کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته ھاؤسنگ بحالي واري پروگرام جا مثبت اثر فائدو وٺندڙ جي خود اعتمادي ذريعي ظاهر آهي ڇوته هو پاڻ گهر تعمير ڪري رهيا آهن جيڪي وڏن خطرن کان بچائي سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته پروگرام جديد ۽ شفاف ترين ٽيڪنالاجيز/انتظام معلوماتي نظام کي استعمال ڪري ٿو، انهي ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته گهرن جي تعمير لاءِ گرانٽس سڌو سنئون فائدو وٺندڙن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيون وڃن. مراد شاهه چيو ته فائدو وٺندڙن آزاديءَ سان تعميراتي سامان خريد ڪيو ۽ مسترين کي ڀرتي ڪيو، منصوبي جي شفافيت، ڪارڪردگيءَ ۽ بهتري جو اشارو آهي. وڌيڪ ته SPHF عالمي سطح جي ڀائيوارن سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي جن ۾ وڏيون ٽي آڊٽ فرم EY، PWC، ۽ KPMG شامل آهن جيڪي آڊيٽر طور بورڊ تي آهن. مراد شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ مستحقن کي زمين جو مالڪ پڻ بڻايو پيو وڃي. ۽ چيو ته لڳ ڀڳ 800000 عورتون پنهنجي گهر جي اڳواڻ طور فائدو وٺندڙ شامل آهن جنهن جا پراجيڪٽ ذريعي اڪائونٽ کوليا ويا آهن ۽ انهن کي “سرٽيفڪيٽ” ذريعي زمين جي ملڪيت جا حق ملندا جيڪي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. وڏي وزير چيو ته هيستائين 10 هزار زمينن جو مالڪ عورتن کي حق ڏنا ويا آهن جن مان اڪثريت چيئرمين بلاول ڀٽو پاڻ ورهائي آهي. وڏي وزير چيو ته فائدو وٺندڙ 111666 معذور هئا جن ۾ 36545 مرد بالغ، 28869 ٻار، 25901 عورتون بالغ ۽ 20351 ٻار شامل هئا. وڏي وزير چيو ته شروعاتي طور تي ھاؤسنگ منصوبو شروع ڪيو ويو جنهن کي هاڻي SPHF ھاؤسنگ کان اڳتي وڌي ڪميونٽين جي تعمير تائين پهچايو آهي. هن چيو ته اسان WASH (پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت) منصوبي جي پڻ مدد ڪري رهيا آهيون جنهن کي 39 بلين رپين جي فنڊنگ ملي آهي جنهن ذريعي 264250 گهرن کي صفائي جي بهترين سهولتن سان ڳنڍيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ايس پي ايڇ ايف ڊرون ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ڊيجيٽل سيٽلمينٽ پلان پڻ تيار ڪري رهيو آهي ۽ هر ڊي ايڇ لاءِ ڊجيٽل ڊيش بورڊ ٺاهي رهيو آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته پهرين 1000 آبادين لاءِ پائلٽ پروگرام جاري آهي ۽ پوءِ ان کي سڄي سنڌ جي 50000 آبادين تائين وڌايو ويندو. گهرن جي بحاليءَ لاءِ فنڊن جا تفصيل ڏيندي وڏي وزير چيو ته خيرپور ۾ 65.67 ارب روپين سان 218,894 گهر، دادو ۾ 37.97 ارب روپين سان 126,588 گهر، لاڙڪاڻي ۾ 30.15 ارب روپين سان 100,518 گهر، نوشهروفيروز ۾ 29.56 ارب رپين ۾ 98540 گهر، جيڪب آباد ۾ 26.31 ارب رپين ۾ 87723 گهر، شهيد بينظيرآباد ۾ 21.70 ارب روپين ۾ 72346 گهر ۽ شڪارپور ۾ 21.10 ارب رپين ۾ 70335 گهر تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته اها رڳو گهرن جي تعمير نه آهي پر ان سرگرمي مقامي معيشت کي مضبوط ڪيو آهي جتي اربين روپين جي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ٻيهر تعمير ٿيل گهرن کي سولر انرجي فراهم ڪئي ويندي جنهن لاءِ سندس حڪومت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن تي 2 لک سولر پينل لڳائڻ جو عزم ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جو 50 ارب رپين جو واعدو اڃا پورو ناهي ٿيو. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجو واعدو پورو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ECNEC قائم نه ڪيو ويو آهي تنهنڪري ECNEC کان منظوري 4 مهينن کان التوا هيٺ آهي. ان کان اڳ ڊي جي ايس پي ايڇ ايف خالد شيخ وڏي وزير کي منصوبي جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو