ڪراچي(استاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سردار شاهه کان تعليم ۽ مرتضيٰ وهاب کان اطلاعات کاتو واپس وٺي ڇڏيو آهي. چيف سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نون حلف کڻدڙ 4 وزيرن ۽ ٻن مشيرن کي کاتا الاٽ ڪرڻ سان گڏ ڪيترن وزيرن ۽ مسيرن جا کاتا تبديل پڻ ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سيد ناصر حسين شاهه کي لوڪل گورنمينٽ، ٻيلا ۽ ۾دهبي معاملن جا کاتا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته عبدالباري پتافي کي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز، هري رام کي اقليت ۽ خوراڪ، اسماعيل راهو کي زراعت، مير شبير علي بجاراڻي کي مائينز ۽ منرل سان گڏ پبلڪ هيلٿ، سعيد غني کي ليبر ۽ اطلاعات، سردار علي شاهه کي سياحت ۽ ثقافت، فراز ڏيرو کي بحالي يعني ريهيبليٽيشن، تيمور ٽالپر کي انفرميشن، سائنس ۽ تيڪنالوجي، غلام مرتصيٰ بلوچ کي هيومن سيٽلمينت، سهيل انور سيال کي آبپاشي، زڪوات عشر، اوقاف، انڪوائريز ۽ اينٽي ڪرپشن ۽ ڃام اڪرام الله ڌاريجو کي صنعتونتجارت ۽ ڪوآپريشن جا کاتا ڏنا ويا آهن. مٿي ڄاڻايل 12 وزيرن کانسواءِ 3 مشيرن مان نثار کهڙو کي ورڪس ۽ سروسز، يونيورسٽيز ۽ بورڊ، بيريسٽر مرتضيٰ وهاب کي قانون، ماهوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ڪوسٽل ڊيولپمينٽ جا لاتا ڏنا ويا ۽ هو سنڌ حڪومت جو بدستور ترجمان به رهندو، سيد اعجاز علي شاهه شيرازي کي سوشل ويلفيئر جو کاتو ڏنو ويو آهي. تعليم جو کاتو وڏي وزير پاڻ وٽ رکيو آهي.











اعجاز۔مھر صاحب ، خدا کے لیئے برطرف پولیس اھلکاروں جو 2014 میں ٹریننگ یافتہ ھیں ان کی بحالی کا مسئلہ اٹھائیں ، وزیر اعلی سندہ اور آء جی پولیس کو ان غریب اور بیسھارا برطرف پولیس اھلہکاروں کی بحالی کے لیئے کچھ کہیں ۔ اللہ آپ کو اجر۔دے گا۔ اب تو آفیسروں کے خلاف انکوائری بہی ھوگئی جس کو سزا آنی تہی ان کو آگئی ، اب تو غریب پولیس والوں کو بحال کیا جائے نا۔ آپ کی بڑی مھربانی ھوگی ۔