10 سالن جو نينگر ديوار هيٺان دٻجي فوت

10 سالن جو نينگر ديوار هيٺان دٻجي فوت

ٽنڊومستي (نادرعلي اڄڻ) ڳوٺ وريو ڦلپوٽو جو رهواسي 10 سالا نينگر اسامه پٽ علي مراد ڦلپوٽو روڊ جي افتتاح جي تختي واري ديوار مٿان ڪرڻ سبب دٻجي فوت، گهر ۾ ڪهرام، نينگر جي ڀاءُ رياض ڦلپوٽو ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ ٺيڪدار طرفان ناقص مٽيرل مان ٺاهيل افتتاح جي تختي واري ديوار اوچتو زوردار ڌماڪي سان نينگر مٿان ڪري پئي، جنهن سبب تختي ڀرسان بيٺل نينگر اسامه ڦلپوٽو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال خيرپور آندو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جنهن جو مڙهه سندس وارث اباڻي ڳوٺ وريو ڦلپوٽو کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، فوتي جي جنازي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو