04 فيبروري حرن جي آزادي،7 پير پاڳاري جي تاج پوشي ۽ پاڪستان

عبدالستار مھر
هي دنيا تاريخ جي ورقن تي مبني ۽ عقيدي ۽ ايمان تحت ´´توحيد “ ۽ ´´رسالت “ قيامت تائين مذھبي سڃاڻ پڻ آھي ڪائنات جو وجود ۽ مقصد به ڪائنات ۾ خلقيل مخلوق کي حق ۽ سچ جي سڃاڻ تي هلڻ آھي ۔ خدا پاڪ طرفان هڪ اهڙو ئي حق ۽ سچ ۔ علم ۽ عقل ۔ دين ۽ دنيا ۔ جديد ۽ قديم ۔ هنر ۽ تعليم ۔ انقلاب ۽ قرباني جو قلعو ايشيا کنڊ اندر هزارين سال پراڻي سنڌ ڌرتي تي به قائم ڪيو ۔ سنڌ ڌرتي جو سپوٽ ۽ خير خواھ خاندان ´´ پاڳارا خاندان “ هن ڌرتي تي امام حسين جي قرباني کانپوء ڌرتي ۽ دين جي لاء وڏي قرباني پاڳارا خاندان ۽ ان جي عقيدتمندن ´´ حر جماعت “ ئي ڏني آھي ۔ جيئن يزيد اسلام تي للڪار ڪئي ائين ئي انگريز به سنڌ ۽ هند تي قابض ٿي ڪري انهن کان انهن جو مذھبي ۽ روايتي جيئڻ جو حق کسيو ۔ پر انگريز به ان يزيد جي اولاد هو ۽ ساڳئي يزيديت جي انڌ واري گهوڙي تي سوار هو ۔ ان کي اها خبر نه هئي ته سنڌ ڌرتي تي به علي عليه السلام جي اولاد موجود آھي ۽ ڌرتي ڌڻي ڪڏهن به ظالم کي مظلوم تي قابض ٿيڻ نه ڏيندا ۔ انگريز جڏهن واپار بهاني هندستان ۾ داخل ٿيا ته انهن جي نيت ته قابض ٿيڻ جي هئي ۔ تنهنڪري انهن پنهنجي سوچ رکندڙ ۽ لالچي اڳواڻن کي خريد ڪندا ۽ سهولتون ڏيندا ويا ۽ هندستان جي رهاڪن تي پنهنجون مرضيون ۽ قانون مڙهيندا رهيا ۔ پر هتي موجود پاڳارا خاندان جو هڪ سج جيئن تپندڙ ۽ جلويدار نيڻن وارو انقلابي اڳواڻ پير سيد صبغت الله شاھ ( سورهيا بادشاھ ) به انهن سامهون اچڻو هو ۽ پنهنجي وڏن جي روايتن ۽ رت کي ملهائيندي انهن جا قابض ٿيڻ جا خواب مٽي ۾ ملائڻ وارو هو ۔ انهن کي پوري سنڌ ۾ هي پاڳارا خاندان ايترو ته ڏکيو لڳو جو هنن پنهنجا ۽ پنهنجي سهولتڪارن جا سڀ زور لڳايا ۽ درگاھ پاڪ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ۔ حر جماعت ۽ روحاني رهبر سورهيا بادشاھ کي ايتريون تڪليفون ڏنيون ويون جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي ۔ پر انهن جا ناپاڪ ارادا اھڙن اڙٻنگ جوانن جي اڳيان هو واري جي مٺ برابر هئا ۔ پير سائين سورهيا بادشاھ جن جي گهر ۾ هڪ اهڙو پاڳارو پويان اچڻو هو جيڪو هن ديس ۔ حر جماعت ۽ سنڌ جو ´´ ڇٽ “ ثابت ٿيڻو هو ۔ پيرسائين پاڳارو شاھ مردان شاھ 27 صفر 1347هه، 22نومبر 1928ع ۾ پيرڳوٺ درگاه شريف ۾ پيدا ٿيو.. هي اهو دور هو جو انگريزن جي چالبازين جو ڄار پيرصاحب سورهيا بادشاه جي خلاف وڇايل هو. 1930ع ۾ سورهيه بادشاه جي گرفتاري ۽ وري 1936ع ۾ آزادي وري 1941ع ۾ گرفتاري دوران سندس صاحبزادي سيد سڪندر علي شاه پير پاڳاري تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون،, جڏهن شهيد سورهيه بادشاه 1930ع پهريون دفعو گرفتار ٿيا هئا ته پيرسائين شاه مردان شاه جي عمر اڍائي سال هئي.هڪ طرف سورهيا باد شاھ ۽ حر جماعت مٿان قهري ڪاروايون هيون ۽ ٻئي طرف درگاه پاڪ مطلب پاڳارا خاندان جي گادي کي ختم ڪرڻ جا ارادا ۽ ڪوششون هيون ۔ جڏهن سورهيه بادشاه کي شهيد ڪيو ويو ته پير سائين شاھ مردان شاھ ( پير پاڳارو ) ڇٽ ڌڻي بادشاھ جن جي عمر 15 سال هئي. ان وقت جو وڏي کان وڏو حر جماعت ۽ پاڳارا خاندان لاء هي دردناڪ ۽ اذيت زده دور هو سورهيه بادشاه جي شهادت جو صدمو ئي اڃان حر جماعت ۽ خاندان تي کنوڻ جيئن ڪريل هو ته وري انهن ٻنهي صاحبزادن کي پنهجي ڏيھ سنڌ مان جلاوطن ڪري پهريائين هڪ آفيسر محمود حسين جي نگراني ۾ 1943ع ۾ علي ڳڙھ موڪليو ويو. جتي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ خليفو محمد عاقل ھنڱورو پڙهڻ جي بھاني وڃي مليا ۽ اتي ٽي سال رهيا. ان کانپو۽ جون 1946ع ۾ سمنڊ جي رستي ِلورپول انگلينڊ جي نا مناسب ماحول ڏانهن موڪليو ويو. جنهن جو احوال پيرسائين هڪڙي خط ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان ڪيو جيڪو ان وقت آمريڪا ۾ پڙهي رهيو هو . جنهن ۾ پيرصاحب لکيو ته، سرد علائقي ۾ اسان وٽ نه هيٽر آهي نه ئي ڪو گرم سامان ، سرد موسم ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون. مسٽر ڊيوس جي انهي اسڪول ۾ سڀ شاگرد باغي اڳواڻن جا هئا. جن جو تعداد پندرهن کان وڌيڪ نه هو جن ۾ سنڌ، روڊيشيا، ٿائلينڊ، ايران، عراق، آئرلينڊ، حبشه، جهڙا ملڪ شامل هئا. انگريزن کي اها پڪ هئي ته اسان جي تعليم هيٺ پڙھندڙ هي ٻار اسان جون ريتون روايتون ڪندا ۽ اسان جي حڪم جا پابند ٿيندا پر اها خبر ئي به هئي ته ´´ حسيني رت “ ڪڏهن به اسلام ۽ ڌرتي تي سودو نه ڪيو آھي بلڪه پنهنجون معصوميتون ۽ ڦوه جوانيون قربان ڪيون آھن ۔ پنهنجون بادشاهتون ۽ محل ماڙيون شھادتن جهڙي عظيم رتبن سان ملهايون آھن پير سائين سورهيا بادشاھ ۽ حر جماعت جي قربانين آخر رنگ لاتو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ نئون اسلامي ملڪ ظاهر ٿيو ۔ ملڪ ته نئون ٺھيو ۽ اڳواڻ به چونڊجي ويا ۔ملڪ آزاد ٿيڻ کانپوء به هند ۽ سنڌ اندر حر جماعت کي ساڳيون ئي تڪليفون هيون ۽ 20 کان وڌيڪ حرن لاء جيلون قائم هيون جتي هو قيد هئا ۔ ڪيترائي فقير روپوش ھئا جن تي سرڪار طرفان گولين جو آرڊر پڻ موجود هو ۔ ڪيترائي حر بي گهر هئا ۽ مختلف جڳهن تي پناه گير هئا ۔ آخر ڪار ان وقت پاڪستان جي اڳواڻن اهو سمجهي ورتو ته هن ملڪ جو وجود پاڳارا خاندان ساڻ ئي آھي ۽ ڊسمبر 1951 ۾ پير سائين سورهيا بادشاھ جي ٻنهي صاحبزادن کي پنهنجي ڏيھ آندو ويو ۔ انکانپوء گادي بحال ٿيڻ لاء ڪوششون ڪيو ويون ۽ آخرڪار هن ايتري وڏي ڪاري رات کانپوء جڏهن پيرسائين ڇٽ ڌڻي بادشاه 4 فيبروري 1952ع ۾ پڳدار ٿيو روضي ڌڻي جي گادي جو هي ستون پاڳارو هو۔ ۽ ملڪ وري هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور نموني سان هڪ نعري ´´ ڀيڄ پاڳارا “ ساڻ گونجي پيو ۽ ڪفر ۽ منافقن جي ڪنن تي وڄ جيئن ڪريو ۔ پيرصاحب جي اچڻ بعد پهرين اپريل 1952ع ۾ حر ڪئمپون ختم ٿيون. روپوش حر پيش پيا، انهن تان پيرصاحب وڪيل ڪري ڪيس ختم ڪرايا. حر جماعت جا ماڻهو پنهنجي ماڳن تائين رسيا ۽ پنهجي نئين دور جو آغاز ڪيو پيرصاحب جي سياست ۾ اچڻ جو وڏي ۾ وڏو مقصد اهو هو ته هن ملڪ سان وفاداري رهندي ۽ حرجماعت کي سياسي فائدو پُهچائي انهن کي به دنيا جي جدت ساڻ هلائجي. جڏهن پاڻ سياست ۾ آيا ته کين ڪجهه رڪاوٽون به آڏو آيون، جيتوڻيڪ پيرصاحب جي سياست صبر ۽ دشمن کي معاف ڪرڻ ۽ انتقام نه وٺڻ واري پاليسي تي مُشتمل هُئي.پهرين اپريل 1952ع ۾جڏهن پيرسائين جي گادي بحال ٿي تڏهن پاڻ اهو فرمايائون ته شاندار ماضي جي بجاءِ روشن مُستقبل ڏانهن ڏسجي. پاڻ انهن سڀني ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيائون جيڪي حرتحريڪ پاڳارا خاندان ۽ حرجماعت خلاف انگريزن جو ساٿ ڏنائون. پاڻ ڪڏهن به اڳتي نه آيا پر پنهنجي حمايتن کي اڳتي آندائون. پيرصاحب سياست ۾ اچڻ سان حر جماعت جي ماڻهن کي نوڪريون مليون، جيڪو حرن لاءِ انگريز سرڪار جي دور ۾ تصور قائم ڪرايو ويو هو، دهشت گرد، خوني، وحشي، جاهل، اُهو تصور پيرسائين شاه مردان شاه جي دور ۾ ختم ٿيو ، اُهي جيڪي انگريز سرڪار دور ۾ هٿيار کڻي وڙهيا، اهي ساڳيا حر جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو تڏهن سن 1965 ۽ سن 1971ع جي جنگ دوران هن ملڪ جي حفاظت ڪيائون. جناب ذولفقار علي ڀٽو جي سياسي اقتدار وارو دور پيرسائين شاه مردان شاه ڇٽ ڌڻي ۽ حرجماعت لاءِ مُشڪلاتن ۽ امتحان وارو دور هو، 1970 ع کان 1977ع دوران حرجماعت لاءِ ڄڻ انگريز سرڪار جو ڪارو قانون موٽي آيو، انهي عرصي دوران رمضان شريف جي مهيني ۾ ڇھ حُر فقير شهيد ٿيا، چيف خليفو امين فقير مڱريو شهيد ۽ خليفي محمد عاقل ھنڱورو کي جيل موڪليو ويو . پيرسائين ڏانهن نام نهاد لنڊن پلان منصوبي جو نوٽيس موڪليو ويو. ڏهن هزارن کان وڌيڪ حُرن کي قيد ڪيو ويو. حرٽرانسپورٽ بند ڪئي وئي. حرن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا. 26 جولاءِ 1973ع ۾ متحده جمهوري محاذ مجلس جي فيصلي مطابق سياسي جماعتن 7 ڊسمبر تي يوم سانگهڙ ملهايو. جنهن ۾ پاڪستان جي سڀني پارٽين شرڪت ڪئي، جيڪڏهن پيرسائين چاهي ها ته سڄي ملڪ ۾ خانه جنگي ٿي پئي سگهي پر پاڻ صبر کان ڪم ورتائون” ان سان گڏوگڏ پنهنجي حامين ۽ حرجماعت جي ماڻهن کي پُرامن رهڻ جي تلقين ڪيائون. پير سائين شاھ مردان شاھ هميشھ هڪ سرپرستي ۽ ڇانو وارو عمل هن ملڪ ۽ حر جماعت تي رکيو ۔ جنهن جي ڪري گادي وارو لقب به ´´ڇٽ ڌڻي “ رهيوپنهنجي پوري سياسي ڪيريئر ۾ پاڻ هميشه پُرامن جدوجهد پاڪستان جي تحفظ واري سيات ڪيائون. جنرل ضياءَ واري دور ۾ جناب محمد خان جوڻيجو وزيرآعظم ٿيو، پاڪستان جي سياسي تاريخ شاهد آهي ته هن جهڙو ايماندار سادو انسان ٻيو ڪو ثابت نه ٿيو محمد خان جوڻيجي وارو دور پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي وارو دور هو. پير صاحب پاڳاري جن هميشھ پاڪستان اندر وڌندڙ وڳوڙن کي ملڪي ادارن سان ملي ڪري اندروني ۽ بيروني خطرن کي ڪنٽرول ڪندا رهيا ۔پيرسائين شاه مردان شاه ڇٽ ڌڻي جي زندگي جو جيڪڏهن مطالعو ڪيو وڃي ته هن عظيم شخصيت ڪڏهن ڪنهن کي نقصان نه پُهچايو بلڪه ڪيترن ئي ضرورتمندن جي ضرورت پوري ڪئي. ۽ هڪ روحاني رهبر جي زميواري پوري ڪندي هميشھ هر خطاب ۾ ملڪ جو دفاع ۔ نياڻين جي تعليم ۽ پاڙي سان بهتر سلوڪ جو حڪم هوندو هو ۔ڪيترائي اهڙا خاندان هئا جن جو خرچ پيرصاحب پاڻ ڏيندو هو. هن پنهنجي مريدن کي جديد دور جي تقاضائن مطابق شعور ڏنو. ايتريقدر جو بي جوڙ شادين جي مخالفت ڪيائين، شادي لاءِ نياڻين جي رضامندي کي لازمي شرط قرار ڏنو.تاريخ طور ڏٺو وڃي ته پاڳاره خاندان وڏو علمي ادبي گهراڻو رهيو آهي. پيرصاحبان جي وڏن مان حضرت محمد راشد روضي ڌڻي ڌڻي پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، جنهن جي صوفياڻا تبليغ ڪري ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيا، اسان جڏهن پاڳاره خاندان جي هرهڪ پڳدار تي ويهي روشني وجهون ته هڪ الڳ مضمون ٿي ويندو. پير سائين شاھ مردان شاھ 1952 کان نه فقط ملڪي سياست جا اهم ڪردار رهيا پر ديني ڪم ۾ سر فهرست رهيا جنهن جو اعلي مثال درگاه پاڪ تي موجود ديني درسگاه آهي جنهن مان هر سال ڪيترائي مفتي ۔ عالم ۔ حافظ ۽ قاري ملن ٿا ۔ پير سائين شاھ مردان شاھ جو علم سان ۽ مطالعي جو اعلي مثال شاندار لائبريري ئي گواهي ڏيئي ٿي ته پيرصاحب جو ڪتابن سان ڪيڏو نه چاه هو ۔حضرت شاه مردان شاه پيرسائين پاڳاره جيڪو هڪ جينئس هو جنهن نموني سان هن جماعت کي سنڀاليو هو، جنهن جي ڪري مختلف ذاتين، قبيلن جا ماڻهو هڪڙي لفظ حر ۾ منظم هئا، اڄ به آهن پاڻ ويندي ويندي حُرجماعت کي روشن راه ڏيکاري ويا. موجود دور جون حالتون ڏاڍيون نازڪ آهن جماعت تي هڪ دفعو ٻيهر امتحان جي گهڙي آهي، پر جماعت پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاھ جي تربيت اندر رهي آھي ۽ هن مهل تائين به قانون ۽ صبر سان گذاري ٿي ۔ پير سائين شاھ مردان شاھ (ڇٽ ڌڻي ) ملڪ جي هر بدلجندڙ وقت ۾ پنهنجي صلاح مشورن ۽ اڳواڻي سان هر اڳواڻ کي ملڪ جي بهتري جو حل ٻڌائيندا هئا ۔ پاڪستان جي هن دور جي پڄاڻي ۽ پاڪستان هڪ عظيم روحاني رهبر ۽ سياسي قدآور شخصيت کان 16 صفر 1433 هجري 10 جنوري 2012 تي محروم ٿئي ويو ۽ پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاھ جن جو وصال ٿيو ۔ 4 فيبروري 1952ع واري تاج پوشي هن ملڪ لاء هڪ وڏي تاريخ آھي جيڪا انگريز دور جي اهنجن کان موجوده حالتن جي لاهن چاڙھن ۾ هڪ وڏي ڪهاڻي آھي ۔ ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاھ جو وڏو خال محسوس ٿيو آھي ۔ سندن جي وصال کانپوء ملڪ ڪنهن به سڌي رستي ۽ ساک تي نه اچي سگهيو آھي پير سائين شاھ مردان شاھ ملڪ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار رکندا هئا ۔
وَيٺِي نِتُ نِھارِيان،راڻا ! تُنھنجو راهُ،
موٽائَي ماڳنِ تَي، آڻِيندُوءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساهُ،ناتَ راڻا گهڻا راڄَ ۾.

پهنجو تبصرو موڪليو