بين الصوبائي ٽرانسپورٽ هفتي ۾ 2 ڏينهن بند ڪرڻ جو فيصلو

بين الصوبائي ٽرانسپورٽ هفتي ۾ 2 ڏينهن بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشنز سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا ڪيسن ۾ واڌاري جي ڪري هفتي ۾ ٻه ڏينهن بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اين سي او سي جو هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو جائزو ورتو ويو ۽ ان کي روڪڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا.اين سي او سي موجب ، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن بند رهندي  ۽ تان صوبائي پبلڪ  ٽرانسپورٽ ڇنڇر ۽ آچر تي بند ڪيا ويندا.اين سي او سي ٻڌايو ته سامان ، دوائن ۽ ٻين ايمرجنسي سروسز جي ترسيل کي استثنا ڏني ويندي ، جڏهن ته حڪم 10 اپريل کان 25 اپريل تائين لاڳو ٿي ويندو.اين اي سي او سي موجب ، ٽرينون 70 سيڪڙو مسافر  کڻنديون ۽ فعال رهنديون .

پهنجو تبصرو موڪليو