ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ چالان ۾ جوابدار قومي اسيمبلي ميمبر (ايم اين اي) خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻين جوابدارن کي پيش ٿيڻ لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گهوٽڪي ۾ قتل ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪيس جي چالان ۾ جوابدار ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا برقرار رکڻ جو حڪم برقرار رکيو،ٻڌڻي دوران مرڪزي جوابدار خالد لنڊ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو، جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار اصغر گهوٽڪي جيل ۾ قيد آهي، عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، عدالت ٻين جوابدارن کي ٻيهر پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، هاءِ ڪورٽ سينئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) شهيد بينظير آباد کي هدايت ڪئي ته جوابدار کي نوٽيس جي تعميل ڪرائڻ کان پوءِ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ان کان اڳ عدالت جوابدار کي ڪيس کي منهن ڏيڻ جي هدايت به ڪئي هئي. پوليس هڪ ڀيرو ڪيس مان جوابدارن جا نالا ڪڍڻ جي سفارش ڪئي هئي. وڪيل صلاح الدين موقف اختيار ڪيو ته جوابدار ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن، جاچ ۾ تبديلي سان گڏ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج به تبديل ٿي رهيا آهن، وڪيل چيو ته 21 مئي 2024 تي صحافي نصرالله گڊاني کي ميرپور ماٿيلو ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، صحافي نصرالله گڊاني جو قتل مقامي غنڊن پاران کليل دهشتگردي آهي. هن چيو ته 2020 ۾ شهباز لنڊ هڪ مقامي ايم پي اي جي پٽ تي سندس پروٽوڪول جي وڊيو ٺاهڻ تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ نصرالله گڏاڻي شهباز لنڊ خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن کان پوءِ الله گڏاڻي کي به ايم پي او تحت گهر ۾ نظربند ڪيو ويو هو.










