واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي گوگل به استادن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪيو آهي.هر سال وانگر هن سال به 5 آڪٽوبر تي استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي گوگل استادن جي اهم ۽ ناقابل فراموش ڪردار کي اجاگر ڪرڻ ۽ پنهنجي صارفين جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ لاءِ ڊوڊل تبديل ڪيو آهي.والدين کان پوءِ استاد ٻارن جي تعليم ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي ته استادن کي روحاني والدين جو درجو ڏنو وڃي ٿو.ان حوالي سان مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هيش ٽيگ ’استادن جو ڏهاڙو 2022‘ به ٽريڊ ڪري رهيو آهي.5 آڪٽوبر تي استادن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد استادن جي بي مثال خدمتن جو اعتراف ڪرڻ آهي.ياد رهي ته استادن جو عالمي ڏينهن 5 آڪٽوبر 1994ع تي پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسڪو جي سرپرستي هيٺ ملهايو ويو، جنهن کانپوءِ اهو هر سال باقاعدگي سان ملهايو ويندو آهي.










