گهوٽڪي مان اغوا ٿيل ٻن اهلڪارن سميت 4 ڄڻا بازياب

گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي ۾ پوليس 2 پوليس اهلڪارن ۽ 4 شهرين کي بازياب ڪرايو، جن کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو ،گهوٽڪي جي علائقي ۾ مختلف هنڌن تي ڌاڙيل 8 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا،حملي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي سکر چيو ته جتي به لڙائي يا جنگ ٿيندي اتي جاني نقصان ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته چورن جي سهولتڪارن کي بخش نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو