گهوٽڪي )ن س )گهوٽڪي ويجهو ساوند ۽ سندراڻي برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. قادر پور ڀرسان ڳوٺ يار محمد ساوند ۾ هٿياربندن ڪمند جي ڪٽائي تي ويندڙ ساوند برادري جي ماڻهن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ رياض، قادر، هادي بخش، مور، طفيل، غفار ساوند سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.اطلاع ملڻ تي ساوند برادري جا سوين ماڻهو هٿيار کڻي اسپتال پهچي ويا.










