گهر ۾ بيوٽي سيلون هلائڻ بابت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل طلب

گهر ۾ بيوٽي سيلون هلائڻ بابت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ڊي ايم نمبر ون ۾ گهر ۾ بيوٽي سيلون هلائڻ بابت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل گهري ورتا درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته پلاٽ ڊي 1/121 ٽيپوسلطان روڊ تي ڪمرشل سرگرميون ڪيون پيون وڃن خدشو آهي ته لينڊ مافيا پورشنز بڻائي سگهي ٿي جسٽس سيد حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته بيوٽي سيلون سان اوهان کي ڇا اعتراض آهي ڪوئي باقاعده ڪمرشل سرگرميون نه آهن جيڪڏهن ڪائي عورت پنهنجي گهر ۾ سيلون هلائي رهي آهي ته اوهان کي ڇو اعتراض؟ درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته گهر جي اڳيان بيريئر لڳائي قبضو ڪيو ويو عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪائي پبلڪسٽي نظر اچي رهي آهي نه ئي ڪوئي دڪان، عدالت درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته درخواست واپس وٺي رهيا آهيو يا ڏنڊ لڳايون عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل گهري ورتا.

پهنجو تبصرو موڪليو